آکيرا آڪاس ۾ - ڪتاب

آکيرا آڪاس ۾ - ڪتاب

آکيرا آڪاس ۾

آکيرا آڪاس ۾ (ڪتاب ):مشهور شخصيت، سنڌ واسي، پر هن وقت دبئيءَ ۾ رهندڙ رام بخشاڻيءَ جي انگريزيءَ ۾ لکيل آتم ڪهاڻيءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي، جيڪو سنڌ جي نامور ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار قمبر شهباز ڪيو آهي. سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران اپريل 2005ع ۾ ڇپيل هن ڊيمي سائيز ڪتاب جا صفحا 394 آهن ۽ قيمت 200 رپيا آهي. رام بخشاڻيءَ جي آتم ڪٿا دلچسپ آهي، جنهن ۾ ليکڪ نه رڳو زندگيءَ جي سمورن رخن کي ظاهر ڪيو آهي. پر ان ۾ هندستان جي سنڌي جاتيءَ جي اڻٿڪ محنت، اورچائي ۽ جدوجهد جو انوکو داستان آهي. پنهنجي جنم ڀوميءَ ۾ گذاريل سُرهن ڏينهن کان وٺي ورهاڱي جي وحشت تائين ڪئمپن جي زندگي، ايشيا جي ٻين ملڪن دبئي ۽ جپان جي ترقيءَ ۾ سنڌين جي محنت، واپار ۽ خيراتي نيتي، سنڌي عورتن جي جدوجهد ۽ سنڌيت کي بچائڻ جي دلچسپ تاريخ بيان ڪيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو